وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي: رتيديري ۽ ميرو خان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي دوري دوران عورتن جو احتجاج، سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون ويون، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ميروخان ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ويو

وڏي وزير مراد علي شاھه ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل برسات متاثرن کان مسئلا معلوم ڪيا، وڏي وزير آڏو متاثرن  جون ٽينٽ ۽ راشن من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جون شڪايتون

متاثر عورتن موجب ڪجهه به ناهي مليو، رڳو چڪر لڳائي واپس وڃون ٿا،  ٻار بيمار لڳا پيا آهن، صحت جون ڪي به سهولتون ناهن ڏنيون ويون

وڏي وزير طرفان عورتن جي شڪايت تي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي سيد مراد علي شاھ پاران چيو ويو تھ متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون

وڏي وزير مراد علي شاهه رتوديرو پھچي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري مسئلن بابت ڄاڻ ورتي،  وڏي وزير سان صوبائي وزير مراد  علي شاهه ناصر شاهه، مڪيش چاولا،  سهيل انور سيال ۽ ٻيا گڏ هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔