سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 323 ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن اندر صوبي ۾ 323 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن

صحت کاتي جي اختيارين جي پڌرائي موجب ڪراچي ۾ 261، حيدرآباد ۾ 46، ميرپورخاص 5 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڊينگي جا 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ 2 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي
صحت کاتي موجب صوبي ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 3917 ٿي ويو، هلندڙ سال صوبي اندر ڊينگي جا 6486 ڪيس ظاهر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔