صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي تحت241 ڊاڪٽرن کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي: صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي تحت241 ڊاڪٽرن کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، پوسٽ گريجوئيٽ جي ٽريننگ مڪمل ڪندڙ 241 ڊاڪٽرن جون خدمتون مختلف ضلعن جي اسپتالن حوالي ڪيون ويون آھن ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

241 ڊاڪٽرن کي هنگامي بنيادن تي ٽن ڏينهن اندر مقرري وارن هنڌن تي جوائننگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ٽن ڏينهن اندر جوائننگ نه ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جي وارننگ پڻ ڏني وئي آھي

 نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽرن کي بدين،  دادو،  حيدرآباد ۽ ڄامشورو سميت ٻين آفت سٽيل ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، سمورن ڊاڪٽرز کي خالي پيل جاين تي مقرر ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔