مودي ڀارت جو هڪ وڏو حصو چين جي حوالي ڪري ڇڏيو:ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئي دهلي:انڊين نيشل ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گانڌي چيو آهي ته وزيراعظم نريندر موديءَ ڀارت جي زمين جو هڪ وڏو حصو چپ چپات ۾ چين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب راهول گانڌي چيو ته چين ٻه هزار ويهن تائين حالتون بحال ڪرڻ واري ڀارت جي مطالبي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، وزيراعظم ڪنهن جهيڙي کانسواءِ هزار ڪلوميٽر زمين ڏئي ڇڏي آهي.

هن سوال ڪندي لکيو ته چپ چپات ۾ چين جي حوالي ٿيل زمين ڇا واپس ملندي؟ ۽ ڀارتي حڪومت ٻڌائي سگهي ٿي ته واپس زمين ڪيئن حاصل ڪبي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔