سنڌ ۾ برسات سبب هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن: وڏي وزير جو اعتراف

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين سبب 300 کان وڌيڪ ماڻهو فوٿ ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن

مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 15 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان ماڻهو بي گهر ٿيا آهن

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وٽ خيما ختم ٿي ويا آهن، بي گهر ٿيل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ تقريبن 10 لک خيمن جي ضرورت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔