سنڌ ۾ ڪئنالن، شاخن ۽ واهن کي گهارن جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪئنالن، شاخن ۽ واهن کي گهارن جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو، پنو عاقل ڀرسان ڪارو نارو سِم نالي کي لڳل گهارو 300 فُٽ کان وڌي ويو، پاڻي ڀرپاسي قائم ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، سوين ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا، متاثرن کي محفوظ هنڌن تي متقل ٿيڻ ۾ ڏُکيائيون

ڪريم بخش کوسو ڀرسان ڳڙهي حسن ڊسٽري کي لڳل گهارو 150 فُٽ ٿي ويو، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال، 300 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ، کپرو ويجهو شاهه بخش شاخ کي 10 فُٽ گهارو، پاڻي شهر ڏانهن وڌڻ لڳو آھي

 ڏهرڪي ويجهو ڏهر واهه کي لڳل 20 فُٽ گهاري فصل ٻوڙي ڇڏيا، قاضي احمد ويجهو ڇنڊڻ شاخ کي 60 فُٽ گهارو، پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، سڪرنڊ لڳ ڇنڊڻ کي 100 فوٽ گهاور پوڻ سبب سوين ڳوٺن کي پاڻي جو گهيرو آھي، ڪيترائي خاندان ڦاٿل آھن

ڪوٽ لالو ڀرسان فيض گنج واهه کي 20 فُٽ جو هڪ ٻيو گهارو، ڀرپاسي پوکيل فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، برسات جاري رهڻ سبب ڳوٺاڻن کي گهارو ٻڌڻ ۾ ڏُکيائيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔