سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، ٻارن سوڌو 12 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي : سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آھن

درياءَ خان مري ۾ گهر ڊهڻ سبب معصوم 3 ڀاءُ ڀينرون اجل جو شڪار ٿي ويا، 3 عورتون زخمي، فوتين ۾ عبدالغفار، سندس ڀينرون زاهده ۽ شهزادي ڀٽو شامل آھن

ٺارو شاهه ۾ گهر ڊهڻ سبب پيءُ پُٽ دٻجي فوت، هڪ مينهن ۽ 10 ٻڪريون به دٻجي مري ويون، فوتين ۾ برڪت سيال ۽ سندس نوجوان پُٽ محمد ڇُٽل شامل آھن

دادو ۾ برسات دوران گهر پٽ پوڻ سبب هڪ ڄڻو ڌرمو ڀيل دٻجي فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فيض گنج ۾ 2 گهر ڊهڻ سبب ڳوٺاڻو مصري راجپوت ۽ نينگري آصفه شر دٻجي فوت ٿي ويو

ڀريا روڊ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت پروين لاشاري فوت، نوشهروفيروز ۾ پيرن واري مسجد جو گنبذ ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کُٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا

قاضي احمد جي صاحب ڪالوني ۾ گهر جي ڀِت ڪري پئي، نينگر عبدالله آرائين فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، شهدادڪوٽ ۾ پورهيت جو ڪچو گهر برسات جي سٽ نه سهندي ڊهي پيو

گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ 7 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪُنب ۾ طوفاني برسات دوران 20 کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا، هڪ ٻڪري دٻجي مري وئي، ٺل ۾ گهر پٽ پوڻ سبب ناري گُل خاتون دم ڏئي ڇڏيو، رتوديرو جي ريشم گهٽي پاڙي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب ماءُ ڌيءُ فوت ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔