نيوٽرلز کي چوان ٿو ته اڃا به وقت آهي، پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو: عمران خان

اسلام آباد: نيوٽرلز کي چوان ٿو ته ڇا اوهان کي ملڪ جِي پرواهي ناهي؟ نيوٽرلز لاءِ پيغام آهي ته اڃا به وقت آهي، پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪريو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ايجنسيون مونکي انهن جِي ڪرپشن بابت اطلاع ڏينديون هيون، اسٽيبليشمينٽ کان پڇان ٿو ته انهن ماڻهن کي ملڪ تي مڙهڻ ڇو ڏنو ويو، اُن جو مطلب چوري خراب شئي ناهي، جيڪڏهن ڪرپشن ۽ چوري خراب ناهي ته پوءِ ڪير محنت ڪندو، سڀني کي انهن جِي ڪرپشن جِي خبر هئي، نيب منهنجي ڪنٽرول ۾ هجي ها ته 15، 20 ماڻهن کان اربين رپين ڪڍرائي وٺان ها

اسلام آباد ۾ سيمينمار کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، اسٽيبليشمينٽ وٽ پاور آهي، پاور سان گڏ ذميواري به هوندي آهي، اوهان جيترو به چئو اسان نيوٽرل آهيون، تاريخ ۾ ماڻهن اوهان کي ملڪ جِي خراب حالتن جو ذميوار قرار ڏيندا، تاريخ لکجي رهي آهي ته اوهان ڪيئن انهن ماڻهن کي ملڪ تي مڙهڻ ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔