جڳ مشهور ڪاميڊين اصغر علي عورتاڻي لباس مان بيزار

ممبئي: جڳ مشهور مزاحيا شو ”دي ڪپر شرما شو“۾ ڏاڏي ۽ ناني جو ڪردار ادا ڪندڙ علي اصغر پاڻ پيش ايندڙ چيليجز جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا کي تازي ڏنل انٽرويو دوران علي اصغرڪپل شرما شو ڇڏڻ جا سبب به ٻڌايا جنهن دوران هن چيو ته مان ڪاميڊيا شو انڪري ڇڏيو ته ماڻهو رڳو مونکي هڪ ڪاميڊين سان نه سڄاڻن.

علي اصغر چيو ته باليووڊ انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪارن به ڪاميڊي ڪئي آهي پر جنهن هو سنجيدا ڪردار ڪندا آهن ته عوام انهن سان گڏ روئندي آهي ۽ انهن جي ڪردارن کي قبول ڪندي آهي پر مونسان ائين نٿو ٿئي.

هن چيو ته مونکي به پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملڻ گهرجي پر هاڻي ڪير به موقعو ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي، هڪ ڪاميڊين طور منهنجو اميج ايترو ته مضبوط آهي جو مان ڪنهن سامان برابر ٿي ويو آهيان، ماڻهو مونکي ڪنهن ٻئي ڪردار ۾ قبول ئي نٿا ڪن.

سندس چوڻ هو ته مداح مونکي عورتاڻي لباس کان ٻاهر ڏسڻ ئي نٿا چاهين، ماڻهن کي وهم آهي ته مان ڪو ٻيو ڪردار سٺي نموني نڀائي به سگهان ٿو يا نه.

علي اصغر انٽرويو ۾ چيو ته اسان ماڻهن جي ذهنيت کي ڪيئن مٽائي ٿا سگهون؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔