حڪومت طرفان امپورٽ تان پابندي هٽائڻ ۽ تمباڪو تي 36 ارب رُپيا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد: حڪومت طرفان امپورٽ تان پابندي هٽائڻ ۽ تمباڪو تي 36 ارب رُپيا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت لگزري ٽائيمز تان پابندي هٽائي رهيا آهيون

پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل جو چوڻ ھو تھ  وڏين گاڏين تي ڊيوٽيز لڳايون وينديون، جيتريون به ڊيوٽيز آهن، اُنهن تي ٽيڻ تي آرڊيز لڳايون وينديون

ناڻي واري وفاقي وزير موجب غير ضروري شين تي ڊيوٽي لڳائي رهيا آهيون، اموپرٽ ٿيندڙ لگزري آئيٽمز تي جيترو ممڪن ٿي سگهيو، ٽئڪس لڳايو ويندون

مفتاح اسماعيل موجب ري ٽيل ٽئڪس کي 42 ارب مان گهٽائي 27 ارب رُپيا ڪيو پيو وڃي، هاڻي حڪومت نان فنڊيڊ سبسڊي به نه ڏيندي، آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪيا اٿئون، 29 آگسٽ تي بورڊ جي اجلاس بعد قرض ملي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔