پاڪستان مٿان اندروني ۽ پرڏيهي قرض 60 هزار ارب ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان مٿان واجب ادا اندروني ۽ پرڏيهي قرض جو مجموعي ڪاٿو 59.6 ٽريلين يعني 59 هزار 6 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو آهي

پاڪستان جي مرڪزي بينڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب 30 جون 2022ع تي مالي سال جي پڄاڻي تائين گذريل سال جي مقابلي ۾ قرض ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو

اسٽيٽ بينڪ موجب گذريل مالي سال ۾ قرض ۾ تقريبن 12000 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي

ملڪ جو قرض ۽ جي ڊي جي وچ ۾ تناسب به گذريل مالي سال ۾ 89.2 سيڪڙو ٿي ويو، جيڪو ان کان اڳ 85.7 سيڪڙو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔