ڪراچي :سنڌ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان برسات جاري آھي، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، رتوديرو، مديجي، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وسڪارو پيو
شهدادڪوٽ، صالح پٽ، روهڙي ۽ ڪنڌرا ۾ گجگوڙ سان برسات جاري آھي، بدبن، ٺارو شاهه، ڪنڊيارو، محرابپور، خانواهڻ، ٽنڊو باگو ۽ ڀرپاسي ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات پئي
برسات بعد رستا ۽ گهٽيون پاڻي جي تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويا، برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، شھرين کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي
ٻئي پاسي ڪاڇي ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ نئين جي پاڻي تباهي ڪري ڇڏي آھي، ٽنڊو رحيم خان، ڇِنِي، ساوڙو ۽ ٻين يوسيز ۾ سوين ڳوٺن کي پاڻي جو گهيرو آھي
ڪاڇي جو شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني، گهر ڊهڻ سبب متاثر ٿيل خاندان کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، انتظاميا ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شروع نه ڪيو