14 آگسٽ جشن آزادي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

 اسلام آباد: ايوان صدر مان جاري ٿيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 15 سالن کان قيد ڪاٽيندڙ 60 سال يا اُن کان وڌيڪ عمر جَي قيدين جِي رهيل سزا ختم ڪئي ويندي

هن چيو ته 10 سال قيد ڪاٽيندڙ 60 سال يا اُن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين کي به رهيل سزا ۾ ڇوٽ ڏني ويندي

صدر چيو ته رياست مخالف سرگرمين، گينگ ريپ، اغوا ۽ بئنڪن مان ڦرلٽ ۾ ملوث قيدين تي سزا ۾ رعايت لاڳو نه ٿيندي

صدر طرفان آئين جي آرٽيڪل 45 تحت قيدين جي سزا ۾ رعايت جو اعلان ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔