سنڌ حڪومت پاران صوبي جا 9 ضلعا آفت سٽيل قرار

سنڌ سرڪار 9 ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب متاثر ٿيل علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو

ٺٽو، قمبر شهدادڪوٽ، مٽياري، بدين، ڄامشورو، دادو، سانگهڙ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ متاثر ٿيل علائقا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن

سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آفت سٽيل علائقن ۾ تازين برساتن دوران  زراعت، بُنيادي ڍانچي ۽ چوپائي مال سميت تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي

سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان آفت سٽيل علائقن ۾ قرض جون قسطون معاف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔