سون خريد ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ سٺي خبر

ڪراچي : ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي ٿي آهي.

آل پاڪستان جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو اگهه 2700 رپين جي گهٽتائي سان هڪ لک 39 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جو اگهه 2315 رپيا گهٽتائي سان هڪ لک 19 هزار 170 رپيا ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي مٽا سٽا ۾ سون جي قيمت 5 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1790 ڊالر في اونس ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔