ڊالر وري قابو کان ٻاهر،236 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي: ڊالر وڌيڪ 3 رپيا 7 پئسا مهانگو ٿي 236 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ رپئي جي بي قدري جو سلسلو جاري آهي ، انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 3 رپيا 7 پئسا مهانگو ٿي ويو

فاريڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر نئين تاريخي بلندي 236 رپين جي سطح تائين ٽريڊ ڪري رهيو آهي ، گذريل ڏينهن ڊالر 233 رپين جي سطح تي بند ٿيو هو .

ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي هنڊرينڊ انڊيڪس ۾ مندي جو رجحان رهيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔