پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير طور عهدي جو قسم کڻي ورتو

لاهور: مسلم ليگ ق جي اڳواڻ پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي .  پنجاب جي گورنر پاران قسم کڻائڻ کان انڪار کانپوءِ صدر مملڪت عارف حسين علوي چوڌري پرويز الاهي کان سندس عهدي جو قسم کڻايو .

ان کان اڳ چوڌري پرويز الاهي قسم کڻائڻ واري تقريب لاءِ خاص جهاز وسيلي لاهور کان اسلام آباد پهتو هو .

خيال رهي ته سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏني هئي .

سپريم ڪورٽ پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير قرار ڏنو ۽ گورنر پنجاب کي گذريل رات ئي کانئس قسم کڻائڻ جو حڪم ڏنو هو ، گورنر پنجاب جي معذرت کانپوءِ صدر مملڪت ان کان قسم کڻايو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔