سنڌ ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين برسات جاري رهندي، شهري ٻوڏ جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين برسات جاري رھندي

موسميات کاتي موجب ڪٿي ھلڪي  ته ڪٿي تيز برسات ٿي سگھي ٿي

برساتن دوران ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر سميت مختلف شھرن ۾ شھري ٻوڏ جو خدشو آھي

واضح رهي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ گذريل ڏينهن کان لاڳيتو برسات جاري آهي، جنهن سبب اڪثر علائقا پاڻي  هيٺ اچي ويا آهن

ملير ۾ ڊيم ٽٽڻ سبب سنڌي وسنديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن، سپر هاءِ وي به پاڻي هيٺ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔