آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرز ڏيندو: معاھدو ٿي ويو

اسلام آباد: حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ قرض بحالي پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو، آءِ ايم ايف پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرز ڏيندو

 آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اي ايف ايف تحت ستين ۽ اٺين جائزي جا معاملا طئه ٿي ويا، بورڊ جي حتمي منظوري ڏيڻ بعد معاهدي پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ دستياب هوندا

پڌرائي موجب پاڪستان کي موجوده بجيٽ تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، صوبن به بجيٽ خسارو محدود رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي

ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل سوشل ميڊيا تي معاهدي جي ڪاپي شيئر ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف ستين ۽ اٺين قسط جي مد ۾ هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرز ڏيندو، معاهدي لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم، ساٿي وزيرن، سيڪريٽريز ۽ فنانس ڊويزن جو ٿورائتو آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔