سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لساني بُنيادن تي ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي: وڏو وزير


وڏي وزير طرفان نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ۽ اُن کانپوءِ پيش آيل واقعن جو نوٽيس ورتو ويو آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ امن پسند ڌرتي آهي، صوبي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي

وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو چوڻ آھي تھ حيدرآباد سوڌو سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ لساني بُنيادن تي ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، بلال ڪاڪا قتل واقعي کي لساني بُنيادن تي نه، پر ڪرائيم طور ڏٺو وڃي

ھن چيو تھ ڏوهارين جي ڪابه ٻولي، ذات يا قوم ناهي هوندي، پوليس کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پيش آيل واقعن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔