سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج


ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج، ڪنڌڪوٽ ۾ قومپرست پارٽيز جي سڏ تي شٽربند هڙتال، عمرڪوٽ، جهڏو، ميروخان، جاتي، پڊعيدن، ڪنڊيارو، منهڙو، قاضي احمد، ڪُنري ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن

بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ جهيڙي دوران هوٽل مالڪ نوجوان بلال ڪاڪا کي قتل ڪيو هو

 بلال ڪاڪا جي امڙ هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سندس پُٽ جو لساني جهيڙن سان ڪوبه واسطو نه هو، سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف ڏنو وڃي

ڄامشورو، نوشھروفيروز، دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين مختلف شھرن ۾ مظاھرن ۽ دڪان بند ڪرائڻ تان جھيڙا پڻ ٿيا، ڄامشورو ۾ ريلي تي ھوٽل مالڪن پاران فائرنگ پڻ ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔