سنڌ جي 14 ضلعن ۾ 21 هزار 298 اُميدوارن ۾ مقابلو، 946 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب

ڪراچي: سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن دوران مجموعي طور 21 هزار 298 اُميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو،  946 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته يونين ڪائونسلز ۽ يونين ڪميٽيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي گڏيل سيٽس 887 مان 135 سيٽس تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن

اليڪشن ڪميشن موجب ضلعي ڪائونسل جي 794 سيٽس مان 107 تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنل آهن، 687 سيٽس تي 2 هزار 604 اُميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو

ٽائون ڪميٽيز جي وارڊ ڪائونسلرز جي 694 سيٽس مان 68 اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، 62 سيٽس تي 3 هزار 325 اُميدارن ۾ مقابلو ٿيندو

مڪاني چونڊن دوران مختلف علائقن ۾ عورت اُميدوار به ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ اڪثر آزاد حيثيت ۾ سامهون آيل عورت اميدوار آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔