سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي لاءِ پولنگ ۾ باقي هڪ ڏينهن بچيو آهي، اليڪشن ڪميشن پولنگ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن

سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ سڀاڻي پولنگ جا انتظام مڪمل  ڪيا ويا

پولنگ جو سامان ۽ اليڪشن عملو پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته  19 سئو 85 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 682 پولنگ اسٽينسز حساس قرار ڏنيون ويون آهن

 14 ضلعن ۾ 92 هزار 90 پولنگ اسٽيشنز قائم ٿيل آهن، جڏهن ته اڄ شام تائين پولنگ جو سامان پهچائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔