ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون:شهباز شريف

اسلام آباد؛ وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ڪيستائين اسان جي مدد ڪندو رهندو، چين ۽ سعودي عرب سوچيندا هوندا ته اسان ڪڏهن پاڻڀرا ٿينداسين

وزير اعظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ تي تڪليف ٿي رهي هئي، وڌيڪ ڏُکيائيون اچڻيون آهن، پنهنجي ذات کان هٽِي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا آهن

هن چيو ته آءِ ايم ايف سان شرط طئه ٿي ويا آهن، وڌيڪ ڪي شرط نه لڳا ته قرض معاهدو ٿي ويندو، پهريون ڀيرو شاهوڪارن ۽ سرندي وارن کي انڪم ٽئڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ حڪومت جي ميگا بلنڊرز سبب معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، اهو نقصان اسان کي ڀرڻو آهي

وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پهرين رياست، پوءِ سياست آهي، رياست بچندي ته سياست رهندي، اتحادي حڪومت آئيني مُدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سڀ گڏجي محنت ڪنداسين، ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔