گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ ميمبرز ايوان ۾ گارگند تي لھي آيا، سنڌ بجيٽ ۾ ڪا به نئين ٽيڪس نه پيا لڳايون: وڏو وزير

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه  چيو آھي تھ گذريل ڏينهن اپوزيشن ايوان جو تقدس پائمال ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرز گارگند تي لهي آيا، مون پاڻ  پي ٽي آءِ وارن کي گاريون ڏيندي ٻڌو

پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تھ ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ کي جمهوريت پسند ناهي، 1714 ارب رُپين جِي ٽئڪس فري بجيٽ پيش ڪئي

سنڌ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه پيا لڳايون، نوان ٽيڪس لڳائڻ بدران عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 332 ارب رُپيا رکيا آهن، ضلعن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 30 ارب رُپيا  مختص ڪيا آهن

وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ آبپاشي جي بجيٽ وڌائي 24 ارب رُپيا رکي وئي آهي،  زراعت ۽ آبپاشي جي اسڪيمز لاءِ 36 ارب رُپيا مختص ڪيا ويا آھن، هارين لاءِ ٻِج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي مد ۾ 3 ارب سبسڊي رکي وئي

ڪئنالن جي صفائي لاءِ 7 ڪروڙ 70 لک رپيا رکيا ويا، آبپاشي منصوبن جي سار سنڀال لاءِ 5 ارب رُپيا مختص،

صحت کاتي لاءِ 207 ارب رپيا رکيا ويا آهن

وڏي وزير موجب پي پي ايڇ آءِ لاءِ 11 ارب رُپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 152 ارب رُپيا رکيا ويا آهن،   پوليس کاتي لاءِ 109 ارب  ۽ جيلز لاءِ 5 ارب 5 ڪروڙ رُپيا  مختص ڪيا ويا آھن

توانائي لاءِ 33 ارب، خصوصي ماڻهن لاءِ 250 ارب  رکيا آهن، غريب گهراڻن لاءِ هائوسنگ يونٽس قائم ڪرڻ لاءِ 2 هزار ملين مختص، غريب خاندانن کي چوپايو مال ڏيڻ لاءِ 500 ملين  رکيا ويا، سنڌ پيپلز سپورٽ پروگرام لاءِ 15 هزار ملين رُپيا مختص ڪيا ويا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔