سنڌ جي بجيٽ: ڪهڙي شعبي لاءِ ڪيترا پئسا مختص ٿيا؟

ڪراچي: صحت واري شعبي لاءِ 23334 ملين رپيا رکيا ويا آهن، زراعت ۽ بيورو آف پرائيسس لاءِ 7450، اوقاف ۽ زڪوات لاءِ 500، بورڊ آف روينيو لاءِ 201، ڪوآپريٽو لاءِ 17، ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه لاءِ 2001، توانائي لاءِ 2550، ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ لاءِ 1200، ايڪسائيز لاءِ 144، ناڻي کاتي لاءِ 1325، خوراڪ کاتي لاءِ 345، فاريسٽ ۽ جھنگلي جيوت لاءِ 1501 رکيا ويا آھن

 گورنر سيڪريٽريٽ لاءِ 69، گھرو کاتي لاءِ 9202، انساني حقن واري کاتي لاءِ 115، ڪچي آبادي لاءِ 57، صنعتن واري کاتي لاءِ 2033، اطلاعات کاتي لاءِ 205، انفارميشن ۽ ٽيڪنالوجي لاءِ 855، سيڙپڪاري کاتي لاءِ 287، آبپاشي کاتي لاءِ 22525، واهن کي پڪو ڪرڻ لاءِ 10 هزار ملين، ليبر کاتي لاءِ 115، قانون ۽ پارلياماني معاملن لاءِ 1760، چوپائي مال ۽ ماهيگيري لاءِ 1716 ملين، مڪاني ادارن واري کاتي لاءِ 62079 مختص ڪيا ويا

 معدنيات کاتي لاءِ 85، اقليتن واري کاتي لاءِ هڪ هزار ملين، پلاننگ لاءِ 7986، آبادي جي ڀلائي لاءِ 350، سنڌ اسيمبلي لاءِ 345 ملين، صوبائي محتسب لاءِ 57، پبلڪ هيلٿ ۽ رورل ڊولپمينٽ کاتي لاءِ 23475، بحالي کاتو ( پي ڊي ايم اي سميت) هڪ هزار ملين، سروسزز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن لاءِ 3502، سنڌ روينيو بورڊ لاءِ لاءِ رڳو 10 ملين، سوشل ويلفيئر لاءِ 800، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي لاءِ 2801، ٽرانسپورٽ کاتي لاءِ 8204، وومين ڊولپمينٽ لاءِ 300، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 82476، ٿرڪول انفرااسٽرڪچر لاءِ 424، سوشل پروٽڪشن ۽ غربت گھٽايو پروگرام لاءِ 1150، ڪراچي جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ 10820 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔