قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ پيٽرول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچ 40 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ پيٽرول تي 40 سيڪڙو خرچ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ايوانن جي سيڪريٽريٽ لاءِ پيٽرول جي مد ۾ ٿيندڙ خرچ 40 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسيپڪر، سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، سينيٽ جي ڪاميٽين سميت ٻنهي ايوانن جي آعليٰ اختيارين لاءِ پيٽرول جي مد ايندڙ خرچ 40 سيڪڙو گهٽايو ويندو.
ملاقات دوران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي هلندڙ اجلاسن ۽ قانونسازي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي
.
ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسيپڪر راجا پرويز اشرف چيو ته هن وقت ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، سياسي قيادت پاران بحران مان نڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي اهم ضرورت آهي، اسان عوامي نمائندا آهيون ۽ اسان کي عوام جو درد محسوس ٿئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔