آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بابراعظم جي هڪ درجو ترقي

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل  (آءِ سي سي) جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجو ترقي ڪندي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب آسٽريليا جو مارن ليبشين پهرين نمبر تي برقرار آهي

انگلينڊ جو جو روٽ 2 درجا ترقي ڪندي چوٿين کان ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ هڪ درجو هيٺ ويندي ٽئين نمبر تي هليو ويو. بالرز جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارت جو روي چندرن ايشون ٻئين نمبر تي آهي

نيوزيلينڊ جو ڪائل جيميسن 2 درجا مٿي چڙهي ٽئين ۽ ڀارت جو جسپريت بمرا هڪ درجو پوئتي ويندي چوٿين نمبر تي هليو ويو. پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو هيٺ ٿيندي پنجين نمبر تي هليو ويو، جڏهن ته انگلينڊ جو جيمس اينڊرسن ٻه درجا ترقي سان ستين نمبر تي اچي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔