مردن سان تصوير ناھيان ڪڍرائيندي: ندا پاران مداح سان تصوير ٺاھڻ کان انڪار

ڪراچي: مورننگ شو جي ميزبان ندا ياسر پنھنجي ھڪ مداح سان تصوير ڪڍرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر جي ھڪ وڊيو منظر عام تي آئي آھي، جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ اھا ڪنھن عوامي ھنڌ تي موجود آھي ۽ ان جي آسپاس ماڻھن جو ھجوم آھي

وڊيو جي شروعات ۾ ھڪ شخص ندا سان گڏ بيھي ڳالھائي رھيو ھوندو آھي ۽ ايتري ۾ اڳتي وڌندي آھي، ان کي پويان تصوير ڪڍڻ جو آواز ايندو آھي

جڏھن تھ ندا بيھڻ بنا فوري پوئتي ڏسي تصوير ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گڏ ئي اھو بھ چوندي آھي تھ مان مردن سان تصوير ناھيان ڪڍرائيندي

ندا ياسر جي وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ميزبان جي ان رويي کي نامناسب قرار ڏنو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔