اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪر ڇڏيا

اسلام آباد: احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اثاثن واري ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. جڏهن ته عدالت 3 شريڪ جوابدارن خلاف به ٽرائل اسحاق ڊار جي گرفتاري تائين روڪي ڇڏيو.
ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جي بريت وارين درخواستن تي فيصلو به اسحاق ڊار جي گرفتاري سان مشروط آهي. عدالت چيو ته جيستائين اسحاق ڊار کي گرفتار ڪري پيش نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ريفرنس جي ڪارروائي اڳيان نه وڌائي ويندي. جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته شريڪ جوابدارن نيب ترميمي آرڊيننس تحت ريفرنس کي ٻيهر چئلينج ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔