سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، آبادگارن جا ڌرڻا

ڪراچي : سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران نه ٽريو، پاڻي جي اڻهوند سبب ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا

جا پيٽ سُڪي ويا، پُڇڙيءَ جي آبادگارن جا پوکيل فصل تباهه  ٿي رهيا آهن

ڇاڇرو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

کڏڙو ۾ آبادگارن سانگهڙ- نواب شاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سجاول جوڻيجو ۾ آبادگارن قومي شاهراهه تي ٽرئڪٽر ٽراليز بيهاري احتجاج رڪارڊ ڪرايو

آبادگارن جو چوڻ آهي ته درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اُهو به آبپاشي عملدار بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غريب آبادگار ڪيڏانهن وڃن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔