ٽانڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

ٽانڪ؛ ٽانڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي

آءِ ايس پي آر موجب فورسز علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪيا

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 اهلڪار به شهيد ٿي ويا، جن مان سپاهي فريد الله جو تعلق ڪرڪ ۽ سپاهي شعيب حسن جو تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔