وفاقي وزيرن سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي؛ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سان وفاقي وزير ميان محمد سومرو ۽ امين الحق ملاقات ڪئي آهي، وفاقي وزيرن سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل ذريعي ادارن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي لوڪل گورنمينٽ نه پر بي ايماني جو بل متعارف ڪرايو آهي

علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ڪاري قانون خلاف سڀني کي گڏجي وڙهڻو پوندو، پيپلز پارٽي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي

هن چيو آهي ته پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ اتحادين سان گڏ ميدان ۾ آهي، صوبي کي برباد ڪرڻ وارن جو سخت احتساب ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔