سال2021دوران ڪهڙين عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، انگ اکر جاري

لاهور: مهانگائي جي ماريل عوام مٿان سال 2021 ڳرو گذريو ۽ ان دوران ڪيترين ئي عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌي ويون.
سال 2021 ۾ مهانگائي بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 199 روپيه 78 پئسا مهانگو ٿيو، سال جي شروعات ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 973.78 روپين جو هو جيڪو وڌي 1173.56 روپيه ٿي ويو. سال جي شروع ۾ کنڊ 84 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهي هئي، جيڪا نومبر جي پهرين هفتي ۾ 140 روپين تائين به وڪرو ٿي هاڻ ان جي قيمت 91 روپيه 53 پئسا في ڪلو آهي.
سال 2021 ۾ گيهه جي في ڪلو قيمت 142 روپيه 75 پئسا وڌي. گوشت 100 روپيه 41 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو. جڏهن ته تازي کير جي في ليٽر قيمت ۾ 9 روپيه 13 پئسا ۽ ڏهي جي في ڪلو قيمت ۾ 11 روپيه 12 پئسن جي واڌ ٿي. رپورٽ موجب مسور جي دال 52 روپيه 86 پئسا، چڻن جي دال 17 روپيه 24 پئسا، ڳڻ 13 روپيه 50 پئسا ۽ ٿوم 43 روپيه 84 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.
جن عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي ان ۾ هڪ سال دوران ماش جي دال 42 روپيه 59 پئسا في ڪلو سستي ٿي، مڱن جي دال 56 روپيه 20 پئسا ۽ آنن جي قيمت ۾ 21 روپيه 28 پئسا في درجن گهٽتائي ٿي. جڏهن ته زنده مرغي ۽ ٽماٽن جي قيمتن ۾ به هيٺ مٿانهين نظر آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔