ڪراچي ۾ ستن ڏينهن کان گم ڄاڻايل نينگري سان مبينا لڄالٽ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي جَي علائقي گلزار هجري مان ستن ڏينهن کان گم ڄاڻايل نينگري سان مبينا طور لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آھي، نينگري جو چوڻ آهي ته ماهم نالي عورت جَي گهر ۾ ڪم ڪندي ھيس، جتي مالڪياڻي جو سهرو زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو، جنهن کان تنگ اچي هن سولجر بازار ۾ هڪ گهر ۾ پناهه ورتي

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري طاهرا عرف سويرا، زليخان نالي عورت جَي گهر ۾ ترسيل ھئي، جنهن جَي اطلاع تي نينگري کي تحويل ۾ ورتو ويو، زيادتي واري واقعي جِي به جاچ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔