سنڌ سرڪار ڪراچي لاءِ ميگا منصوبا آندا، سائيڪل جا نعرا هڻندڙ پاڻ گاڏين تي گهمي رهيا آهن: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪراچي لاءِ ميگا منصوبا آندا، سائيڪل جا نعرا هڻندڙ پاڻ گاڏين تي گهمي رهيا آهن، پر عوام کي سائيڪل تي آڻي ڇڏيو آھي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان ٻين جي منصوبن جو افتتاح ڪري رهيو آهي، هو جِن کي جنگلا بسو سڏيندو هو

صحافين سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ هاڻي اُنهن جي منصوبي جو افتتاح پيو ڪري، عمران خان جو نئون پاڪستان ايڏو ته مهانگو آهي جو ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويا، دنيا ۾ پيٽرول سستو ٿي ويو پر پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه نه گهٽيا، سنڌ حڪومت غريبن جي اجهن کي تحفظ ڏنو پر گورننس عوام دوست آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔