ڪوئيٽا: مجبور ڇوڪرين جون شرمناڪ وڊيوز ٺاھي بليڪ ميل ڪرڻ جوانڪشاف

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۾ مجبور ڇوڪرين جون شرمناڪ وڊيوز ٺاھي بليڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪندي مُک جوابدار سوڌو ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪرين تي تشدد ۽ تذليل ۾ 2 ڀائر ملوث آهن، سندن ليپ ٽاپ سوڌو ٻيا ڊوائيسز فارينزڪ ٽيسٽ لاءِ اُماڻيا ويا آهن، جوابدار 14 ڏينھن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي آھن

پوليس جو چوڻ آھي تھ ٻئي جوابدار ڀائر آھن، جوابدارن جي ليپ ٽاپ ۽ ٻئي ڊوائسز مان برآمد وڊيوز فارنزڪ جي لاءِ موڪليون ويون آھن ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ سان بھ راطبو ڪيوويو آھي

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن واقعي معاشري کي لوڏي ڇڏيو آهي، جوابدارن کي هر صورت ۾ انجام تي پهچايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔