ملڪ ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، شهري پريشان

ڪراچي: ملڪ ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب ڪراچي کان پشاور تائين گيس غائب آهي،سياري جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي گئس جي کوٽ جو مسئلو عوام لاءِ هڪ نئون مسئلو بڻجي ويو آهي

صبح جي شروعات کان وٺي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تائين گئس جو پريشر لڳ ڀڳ نه هجڻ ڪري گئس جو ڪو به نالو ۽ ه نشان نه آهي، جنهن ڪري ٻارڙا ۽ وڏا ناشتي کان سواءِ گهر کان نڪرڻ تي مجبور آهن

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گيس جي شديد لوڊشيڊنگ سبب شهري دانهون ڪرڻ تي مجبورآهن، شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آهي جو هر ڀيري ٻاهران کاڌو خريد ڪرڻ جي سگهه نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔