سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جو نالو عارضي طور تي اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پ پ اڳواڻ دبئي ۾ ٿيندڙ نمائش جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت طلب ڪئي هئي.
شرجيل ميمڻ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شرجيل ميمڻ کي نمائش جي لاءِ فوڪل پرسن بنايو آهي ان لاءِ حڪومت طرفان ان جي شرڪت ضروري آهي ان ڪري عدالت کيس وڃڻ جي اجازت ڏئي. منهنجو موڪل 15 ڊسمبر کان 29 جنوري 2022ع تائين دبئي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو.
عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ شرجيل ميمڻ جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ پ پ اڳواڻ جو نالو عارضي طور تي اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت شرجيل ميمڻ کي 10 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔