سکر عدالت جو ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 8 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل امداد تنيو جو قتل ڪيس ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 8 اهلڪارن خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت طرفان ايس ايس پي عرفان سمون، ايس ايڇ او ذوالفقار ڀنڀرو، سب انسپيڪٽر امتياز منگي، بااثر اڪبر گهانگهرو ۽ ٻين اهلڪارن مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

وڪيل علي احمد پٺاڻ عدالت کي ٻڌايو ته 10 مهينا اڳ ڪنڌرا مان امداد تنيو کي پوليس گرفتار ڪري دادلو ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلو ڏيکاري کيس ماري ڇڏيو

وڪيل چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل امداد تنيو جي واقعي جو اهلڪارن مٿان داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ڪيس ۾ ڌر بڻايل اهلڪارن سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي آهي

درخواست ۾ مارجي ويل جي وارثن جو موقف آهي پوليس بااثر اڪبر گهانگهرو سان ملي ڀڳت ڪري جڙتو مقابلي ۾ امداد تنيو کي ماريو آهي، انصاف ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔