پ پ جي حڪومت آئي ته عمران خان کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ رکنداسين: مراد علي شاهه

اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ جي حڪومت آئي ته عمران خان کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ رکنداسين، پهرين به چيو هو ته وزيراعظم لاءِ آئيڊيل ڪم ڪرڪيٽ ٽيم هلائڻ آهي

اسلام آباد جي احستاب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران وڏي وزير مراد علي شاهه پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو، پي ٽي آءِ جا ماڻهو پنهنجون ضمانتون ضبط ڪرائيندا

هن چيو ته پي ٽي آءِ هر ڪم جي ذميواري سنڌ سرڪار تي مڙهيندي آهي، موجوده حڪومت کي گورننس جو ڏانءُ ئي نه آهي، ڪالعدم تنظيم جي مظاهرن جو مامرو بهتر نموني هينڊل ٿي وڃي ها، پر حڪومت جي نااهلي سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيون

هن کان اڳ مراد علي شاهه نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا ۾ مبتلا شريڪ جوابدار سلطان فاروق پيش ناهي ٿي سگهيو، جنهن بعد عدالت فرد جرم جي وڌيڪ ڪارروائي 17 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔