ڏکڻ ڀارت ۾ تيز برساتون، 8 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

نئين دهلي: ڏکڻ ڀارتي رياست ڪيراله ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا.
ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ اهي تيز برساتون ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو سبب بڻيون.
ڀارتي ميڊيا موجب متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو آپريشن اڄ آچر ڏينهن به جاري رهيو، ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي نيشنل فورس ۽ فوج جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
فوجي دستا خاص طور انهن ٻن ضلعن ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهي، جتي گهڻا ماڻهو گم ٿي ويا آهن.
ڀارت جي گهرو وزير اميت شاهه موجب مرڪزي حڪومت ڪيراله ۾ صورتحال تي نظر رکيو پئي اچي ۽ ان رياست جي مرڪز طرفان هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔