آريان سان سليفي ڪڍندڙ ڪي پي گوسوي جي ڳولا

ممبئي : ڀارتي شهر پوني جي پوليس باليووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان سان گڏ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) جي آفيس ۾ سيلفي ڪڍندڙ ڪي پي گوسوي جي ڳولا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان سان گڏ جيل ۾ سيلفي ڪڍڻدڙ ڪي پي گوسوي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪي پي گوسوي 2018 کان ڌوڪيبازي جي ڪيسن ۾ گهربل ۽ فرار جوابدار آهي مٿس ملائيشيا ۾ نوڪري جي بهاني هڪ شخص کي ٺڳڻ جو ڪيس داخل آهي.واضح رهي ته ان حوالي سان نيشنل ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ نواب ملڪ جو چوڻ آهي ته ڪي پي گوسوي هڪ پرائيويٽ جاسوس آهي جنهن خلاف ڌوڪيبازي جا ڪيس داخل آهن.ڀارتي ميڊيا موجب گوسوي ڪروز شپ تي ڇاپي ۽ مبينا منشيات پڪڙجڻ ۾ 9 آزاد گواهن مان هڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔