سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا

ڪراچي: آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارَي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا، ڪراچي ۾ آغا سراج جِي گهر سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، نيب جون 2 ٽيمون آغا سراج جَي گهر ٻاهران ٽن ڪلاڪن کان موجود، ملازمن نيب ٽيمن کي اندر وڃڻ نه ڏنو، سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سراج دراني سميت 11 جوابدارن جِي ضمانت رد ڪئي هئي، اسپيڪر جِي گهر واري، ٽن ڌيئرن ۽ پٽ سميت 9 جوابدارن جِي ضمانت منظور، عدالت جو لکت ۾ فيصلو جاري، نيب جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جِي آمدني ۽ اثاثن ۾ هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جو فرق آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔