اڳوڻو فاسٽ بالر سرفراز نواز هڏين جي بيماري ۾ مبتلا، هلڻ گهمڻ کان به لاچار بڻيل

لنڊن ۾ ترسيل پاڪستان جي مشهور فاسٽ بالر سرفراز نواز کي هلڻ گهمڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ٽوئٽر تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ سرفراز نواز کي واڪر ذريعي روڊ تي هلندي ڏسي سگهجي ٿو. ذريعن موجب ماضي جو فاسٽ بالر سرفراز نواز هڏين جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب کيس ڪيترن ئي مهينن کان هلڻ گهمڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ذريعن موجب پريشانين سبب سرفراز هلڻ جي لاءِ واڪر استعمال ڪندو آهي. واضح رهي ته سرفراز نواز گهر ڀاتين سان گڏ ڪيترن ئي سالن کان لنڊن جي علائقي نوٽنگ ۾ ترسيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔