سنگل آهيان ۽ في الحال ڪنهنجي به ڳولا ناهي:حانيا عامر

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر پاڻ بابت ڦهليل افواهن جو جواب ڏيندي مداحن جي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي آهي.هانيا عامر جيڪا وڏي عرصي کان سوشل ميڊيا کان پري آهي،
گذريل ڏينهن پنهنجي مداحن سان گڏ ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪ سيشن رکيو ته کانئس هڪ مداح سوال پڇيو ته ”ڇا توهان سنگل آهيو، جيڪڏهن سنگل آهيو ته ڇا توهان کي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“مداح جي سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا اعتراف ڪيو ته ها مان سنگل آهيان.اداڪارا وڌيڪ چيو ته مونکي في الحال ڪنهن شيءِ جي ڳولا ناهي،
هوءَ رڳو پنهنجي ويجهي دوستن سان گڏ سُٺو وقت گذاري رهي آهي ۽ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جلد بازي ۾ ڪنهن جي ڳولا ڪرڻ بيڪار آهي، جڏهن به ائين ٿيندو ته خدا جي طرفان ۽ پراسرار طريقي سان ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔