بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بڻجي ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو.
اهڙو اعزاز هن راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ ۾ 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي حاصل ڪيو.
سينٽرل پنجاب جي قيادت ڪندڙ بابر اعظم ناردرن پنجاب خلاف 63 بالن تي 105 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.
ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بابر اعظم جي اها ڇهين سينچري آهي ۽ هو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو آهي.
بابر اعظم 185 اننگز ۾ 6 سينچريون اسڪور ڪيون، جڏهن ته احمد شهزاد ۽ ڪامران اڪمل 5-5، خرم منظور 4، مختار احمد ۽ شرجيل خان 3-3 سينچريون اسڪور ڪري چڪا آهن.
بابر اعظم وڌيڪ سينچرين جي لحاظ سان دنيا ۾ نائون بيٽسمين آهي ۽ ان فهرست ۾ ويسٽ انڊيز جون ڪرس گيل پهرين پوزيشن تي آهي، جنهن 22 سينچريون اسڪور ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔