علاج کان سواءِ ڪينسر کي شڪست ڏيڻ ممڪن، پر ڪيئن؟

موتمار مرض ڪينسر ماضي جيان لاعلاج ته ناهي رهيو پر ان جو علاج گھڻو تڪليف ڏيندڙ ۽ ڊگھو هوندو آهي اهو به ان صورت ۾ ته مرض جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلن ۾ ٿئي، پر ڪجهه غذائون ان موذي مرض جي خلاف اهم ترين هٿيار جو ڪم ڪن ٿيون.
هر سال 4 فيبروري تي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته جيئن هر ڪو ان مرض خلاف جدوجهد ڪري سگھي جنهن جي انگن اکرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي آهي.
صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هر 5 مان هڪ مرد ۽ هر 6 مان عورت زندگي ۾ ان مرض جو شڪار ٿي رهيا آهن، اهڙيءَ طرح هر 8 مان هڪ مرد جڏهن ته هر 11 مان هڪ عورت ڪينسر سبب فوت ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب اڄ دنيا ۾ هر 5 مان هڪ فرد کي زندگي ۾ ڪينسر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهو انگ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وڌي ويندو، يعني 2040 تائين ان ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگھي ٿي.
رپورٽ موجب ڪجهه غذائون اهڙيون آهن جن جو استعمال ڪري موت مار مرض جي خطرن کي گھٽتائي سگھجي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مڇي خاص ڪري چرٻي واري مڇي، اَنُ، جڙي ٻوٽيون، مطالحا، ڀاڄين ۽ ميون جو استعمال ڪينسر جي خطرن کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو .
جڏهن ته ڳاڙهو ۽ پراسيس گوشت، کنڊ مان ٺهيل مٺا شربت، شراب، ريفائن جنسون جهڙوڪ اڇي ڊبل روٽي، اڇا چانور ۽ بيڪري جو ٻِي سامان جو استعمال ترڪ يا گھٽ ڪرڻ به موذي مرض جي خطرن کي گھٽائي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔