حڪومتي دعوائون ڌوڙ، ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي، تعليم يافته ماڻهو به روزگار کان محروم

اسلام آباد: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس (پي آءِ ڊي اي) سڄي ملڪ ۾ بيروزگاري جي وڌندڙ شرح جي هڪ سنگين تصوير پيش ڪري ڇڏي، جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ملڪ ۾ هن وقت 24 سيڪڙو تعليم يافته ماڻهو بيروزگار آهن.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ منصوبابندي ۽ ترقي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي پي آءِ ڊي اي ٻڌايو ته ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 16 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا 6.5 سيڪڙو جي حڪومتي دعويٰ جي ابتڙ آهي.
ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو تعليم يافته عورتون بيروزگار آهن.
تعليم يافته مان مراد انڊر گريجوئيٽ يا گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا انهن کي نوڪري ڳولڻ جي قابل بڻائيندي آهي.
پي آءِ ڊي اي عهديدارن نشاندهي ڪئي ته ڪجهه تعليم يافته ماڻهو بهتر روزگار جي ڳولا ۾ جدوجهد ڪندي ايم فل ۾ داخلا وٺندا آهن ته جيئن اهي سکڻ جي عمل کي جاري رکي سگهن، ان سان به بيروزگاري جي شرح گهٽ ٿي وئي، ڇو ته اهي ماڻهو انگن اکرن ۾ شمار ناهن.
ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن ۽ ٻارن جا درست انگ اکر طلب ڪري ورتي، جنهن تي پي آءِ ڊي اي اختيارين چيو ته حڪومتي سطح تي ڪا به جاچ نه پئي ڪئي وڃي پر اهڙي قسم جا سمورا مطالعا ٻاهرين ملڪ مان ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔