سنڌ ڪابينا اڍائي سئو ڊيزل هائيبرڊ اليڪٽرڪ بسز خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا بين الضلعي پيپلز بس سروس منصوبي لاءِ اڍائي سئو ڊيزل هائيبرڊ اليڪٽرڪ بسز خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي بسز ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هلايون وينديون، منصوبو شروع ٿيڻ سان 300 آساميون پيدا ٿينديون، ڪابينا اين آر ٽي سي کان بسز خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. اين آر ٽي سي بس اڏا قائم ڪرڻ ۽ ٻين سهولتن لاءِ 3 ارب رُپيا سيڙپڪاري ڪندي، ڊسمبر ۾ هن منصوبي لاءِ بسز چين مان اچي وينديون، ڪابينا کي وڏن شهرن لاءِ ماسٽر پلان بابت بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته 16 ضلعن لاءِ ماسٽر پلان تيار ٿي ويو آهي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جَي ماسٽر پلان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي ويو، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ جڪيب آباد سميت ٻين شهرن لاءِ 2023ع تائين ماسٽر پلان مڪمل ٿي ويندو، وڏي وزير طرفان چيف سيڪريٽري کي ماسٽر پلان لاڳاپيل ڪميٽي مان نوٽيفائي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔